درگاهه حيدر شاهه جيلاني

درگاهه حيدر شاهه جيلاني: هيءُ ماڳ ڳوٺ ڏيپارجا، ديهه ڊولو شاهه، تعلقو موري ۾ واقع آهي. هن ماڳ جي بيهڪ 26º 47' 49.7″ ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ 67º 56' 42.5″ ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي، جڏهن ته ڊيگهه 25.5 فوٽ ۽ ويڪر 26.5 فوٽ آهي. مقبرو جديد طرز تعمير تي پڪ سرائون ٺهيل آهن. مٿس ڪو به گنبذ وغيره اڏيل ڪو نه آهي، ڇت خالي اٿس، چوڌاري قبرستان ۾ گهيريل آهي. مقبرو سٺي حالت ۾ آهي. لنگهه اوڀر ۾ ڏنل اٿس، دروازو 9.8 فوٽ ويڪرو آهي. اولهه طرف 3.4 فوٽ جو ويڪرو محراب ڏنل آهي. ٿلهي تي هڪ قبر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو